ڄام خان چانڊيو

ڄام خان چانڊيو: ناليوارو سگهڙ خان چانڊيو'>ڄام خان چانڊيو، ڳوٺ ٻڍي خان چانڊيي، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ 1890ع ڌاري ڄائو. ننڍي هوندي کان ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ بهرو وٺندو هو، جنهن سندس طبيعت ۾ شعر چوڻ لاءِ اُتساهه پيدا ڪيو. هن سنڌ جي مقبول داستانن کي ڊگھن بيتن ۾ منظوم ڪيو. انهيءَ کان سواءِ نعت، منقبت، مناجات، مدح، مارئي جون ٽيهه راتيون، سسئي جون ٽيهه راتيون ۽ ٽيهه اکريون توڙي مختلف سرن ۾ بيت ۽ ڪافيون چيون. ڄام خان جي ڪلام تي سندس همعصر شاعرسانوڻ فقير‘ جو گَهَرو اثر هو. سانوڻ فقير وانگر نوان ۽ اڇوتا لاڙي لفظ ۽ ذو معنيٰ قافيا پنهنجي ڪلام ۾ گھڻي قدر ڪم آندائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو